اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي خلاف داخل اپيل کي 15 مئي 2023ع سومر تي شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪاز لسٽ موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني اسپيشل بينچ ڪيس جي شنوائي ڪندي. واضح رهي ته 4 اپريل تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو 22 مارچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب صوبي ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ عمران خان طرفان قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمن خلاف داخل درخواست 16 مئي تي شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪاز لسٽ موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب ترميم ڪيس جي شنوائي ڪندي. بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه پڻ شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close