اسلام آباد : اسلام آباد ها ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ٻن هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي هدايت ڪئي آهي ته کيس سومر 15 مئي تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ عمران خان کي 9 مئي کانپوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ داخل ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڪالهه ميان گل حسن اورنگزيب جي سربراهي ۾ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ڊويزن بئنچ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت جي درخواست تي شنوائي ڪئي. عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، سندس وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا ته عمران خان کي 9 مئي تي بائيو ميٽرڪ برانچ مان گرفتار ڪيو ويو، جهڙي ريت القادر ٽرسٽ جي انڪوائري کي اوچتو انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو، ان جو مقصد عمران خان کي فوري طور گرفتار ڪرڻ هو. انڪوائري ۾ جيڪڏهن مٽيريل هجي، نيب تڏهن ئي ان کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته پرتشدد واقعن سبب آرٽيڪل 345 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن آرٽيڪل 245 لاڳو هجي ته هاءِ ڪورٽ هيئن ڪيس نٿي ٻڌي سگهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڇا هتي مارشل لا لڳي ويو آهي؟ ڇا آرٽيڪل 245 جي هوندي اسان سڀني رٽ پٽيشنز کي غير اثرائتو ڪري ڇڏيون؟ نيب پراسيڪيوٽر اعتراض ڪيو ته عمران خان ڪڏهن به نيب سامهون پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس شريڪ جوابدارن انڪوائري جوائن ڪري ورتي. عدالت عمران خان جي ٻن هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته عمران خان کي 15 مئي تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب نيب پراسيڪيوشن کي چيو ته ايندڙ شنوائي تي اسان دليل ٻڌي ضمانت منظور يا خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، ايندڙ شنوائي تي مڪمل تياري ڪري اچجو. هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close