اسلام آبادپاڪستان

عمران جي گرفتاري ۾ چيف جسٽس جي مداخلت “بدانتظامي” آهي:وفاقي ڪابينا

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا عمران خان جي گرفتاري ۾ چيف جسٽس جي غير معمولي مداخلت جي سخت مذمت ڪندي ان کي “بدانتظامي” قرار ڏنو آهي. 9 مئي جي واقعن خلاف فوجي ترجمان جي بيان جي تائيد ۽ حمايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته رياست، آئين، قانون ۽ قومي وقار خلاف منظم دهشتگردي ۽ رياستي دشمني ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي ۽ آئين ۽ قانون موجب سخت ترين ڪارروائي ڪري ملوث عنصرن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪالهه ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ٿيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاري ۽ اوچتو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آزادي بابت حقيقتن بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله 9 مئي 2023ع تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران حساس رياستي ادارن، عمارتن، جناح هائوس، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي، ڀڃ ڊاهه، قومي نشريات روڪرائڻ، سوات موٽروي، ريديو پاڪستان سميت ٻين سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن ۽ گاڏين کي ساڙڻ، سرڪاري اهلڪارن ۽ عام شهرين تي تشدد، مريضن کي لاهي ايمبولينسز کي ساڙڻ جهڙن سمورن واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان کي آئيني ۽ جمهوري احتجاج نه ٿو چئي سگهجي. اها دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. اجلاس افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 75 سالن ۾ پاڪستان جو ازلي دشمن جيڪو نه ڪري سگهيو اهو ڪم هڪ شرپسند فارن فنڊيڊ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن ڪري ڏيکاريو آهي. اجلاس عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو ته انهن ڪرپشن، 60 ارب رپين جي قومي ناڻي جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ 9 مئي جي ڏينهن ملڪ دشمني، دهشتگردي جي منصوبابندي جي ماسٽر مائينڊ جي گرفتاري کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ آئين ۽ قانون جو ساٿ ڏنو. اجلاس چيف جسٽس پاران ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز جي اوپن اينڊ شٽ ڪيس ۾ آئين، قانون ۽ رائج قانوني طريقيڪار موجب گرفتاري تي مداخلت تي افسوس جو اظهار ڪيو. اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وزيراعظم شهباز شريف کي خط تي به مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو خط ثبوت آهي ته صدر عارف علوي رياست جي سربراهه کان وڌيڪ پارٽي جو ورڪر نظر اچي رهيو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر هن آئين ۽ پاڪستان بدران عمران خان سان پنهنجي تابعداري جو ثبوت ڏنو آهي. هوڏانهن وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت ميڊيا ۾ هلندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت ميڊيا ۾ هلندڙ اطلاع بي بنياد آهن. ڪو اهڙو فيصلو ناهي ٿيو. ميڊيا کي درخواست آهي ته بنا تصديق جي خبرون نه هلائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button