پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ پيرسن ۽ ڇوڪري جي خودڪشي

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ ٻه الڳ واقعن ۾ ميگھواڙ برادري جي ٻہ ماڻھن خود ڪشي ڪري ڇڏي، خبر موجب ٽنڊو جان محمد ۾ 2 ڌار ڌار واقعن ۾ پيرسن ۽ ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. شهر جي وارڊ نمبر 8 ڪبير نگر ڪالوني ۾ 16 سالن جي ساگر پٽ ڪرم شي ميگھواڙ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. جڏھن ته وارڊ نمبر 4 ڳوٺ ربو ۾ 50 سالن جي لوڻيو پٽ رتنو ميگھواڙ گھر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي انت آندو. اطلاع تي پوليس پھچي ٻنهي جا لاش کڻايا ۽ مقامي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ وارثن موجب ساگر ميگھواڙ گھر ۾ ستو پيو ھو، صبح ٿيڻ تي والده ننڍ مان اٿاري آئي، ڪجھه دير بعد ڇوڪري وٽ پيل پسٽل سان هن پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو، وارث ڇوڪري کي اسپتال کڻائي پھتا، جتي ڊاڪٽرن طبي معائني بعد فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف 50 سالن جي لوڻيو گھرو اڻبڻت تان گھر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کاڌو، پوليس نينگر جي واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل ھٿ ڪري ورتول. هوڏانهن ٻن ماڻهن جي آپگهات واقعن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button