پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ زهر پيئاري ماريل عورت جو ڪيس داخل، مڙس گرفتار

ميرپورخاص: سنڌڙي ۾ ڪارنھن الزام هيٺ مبينا قتل ٿيل عورت حيات خاتون شر جي قتل جو ڪيس سندس مڙس ۽ عورت جي ٻن ڀائرن سميت 5 ماڻهن خلاف داخل ڪري عورت جي مڙس امير علي شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪارنھن الزام هيٺ غلام مصطفى عرف پانڌي ماڇي کي ساک ڏيڻ بھاني غلام نبي شاهه جي درگاهه کتر تي گھرائي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو، واقعي جي ٻئي ڏينهن تي عورت حيات خاتون زال امير علي شر کي سندس مڙس ۽ ڀائرن ڪارنھن الزام ۾ زوري زھر پياري قتل ڪيو ۽ پوليس جي مبينا ملي ڀڳت سبب قتل واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏئي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو، پر قتل جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد سي آئي اي پوليس ۽ سنڌڙي پوليس سنڌڙي ٿاڻي تي اي ايس آئي اسلم راجپوت جي فرياد تي 5 عورت جي مڙس امير علي شر، ممتاز شر، عورت جي ٻن ڀائرن عرس، خميسو ۽ عورت جي ڀائيٽي مختيار خلاف ڪيس داخل ڪيو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد عورت جي مڙس امير علي شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button