پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ گم ڄاڻايل عورت جي قتل جو انڪشاف، سندس مڙس گرفتار

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻٻر پاڙي مان عورت زهرا زال جهانزيب درس مبينا طور گم ٿي وئي هئي، جنهن جي گم ٿيڻ جي رپورٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن بعد ٽنڊوالهيار پوليس مختلف طريقن سان عورت جي ڳولا ڪئي ۽ جاچ ۾ سندس مڙس جهانزيب درس کي شامل ڪيو، جنهن پوليس اڳيان زال جي قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري لاش ڪيلي جي فصل ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته 17 اپريل تي عورت زهرا کي جوابدار جهانزيب درس قتل ڪري ڪيلي جي فصل ۾ لاش دفنائڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدار جي اعتراف بعد ايس ايس پي سليم شاھه ۽ پوليس ڪامارو شريف ويجهو جوابدار جهانزيب جي نشاندهي تي ڪيلي جي فصل مان لاش هٿ ڪرڻ لا کوٽائي ڪئي ۽ لاش ٻاهر ڪڍي مقامي اسپتال آندو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن جو چوڻ ھو ته زهرا جي ما جي فرياد تي سندس مڙس جهانزيب کي گرفتار ڪيو، جاچ دوران جوابدار اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي گهرواري کي لوهي راڊن سان قتل ڪرڻ بعد لاش کي ڪيلي جي فصل ۾ دفن ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button