پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 65 شاگرد ڪاپي ڪيس، 3 انويجيليٽرن کي هٽايو ويو

ميرپورخاص: تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر پنجين ڏينهن به جاري. آهن گذريل ڏينهن ڪيميسٽري جي پيپر ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، جڏهن ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سھولت بند ٿيڻ سبب فوٽو اسٽيٽ دڪانن جا وارا نيارا ٿي ويا، ڪيميسٽري جو پيپر حل ٿيڻ بعد سيٽ 200 کان 300 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو، جنھن ڪري فوٽو اسٽيٽ دڪانن تي خريدارن جي رش لڳل رھي. ھوڏانھن پيپرن ۾ ڪاپي ڪرڻ جو ڪنٽرولر نوٽس ورتو. امتحاني ڪنٽرولر انور عليم خانزاده مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪندي 65 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو. مکڻ سمون اسٽاپ تي قائم گورمينٽ هائر اسڪول ۾ ڊيوٽي تي لاپرواهي ڪرڻ تان 3 انويجيليٽرز کي ڊيوٽي تان هٽايو ويو. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي ڪنٽرولر انور عليم خانزاده رابطو ڪندي چيو ته ضلعي جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪري، ڪاپي ڪيس ڪيا آهن، لاپرواهي ڪرڻ تي 3 انويجيليٽرز کي ڊيوٽي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button