پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ميونسپل مان 73 ملازم غيرقانوني ڀرتي ڄاڻائي برطرف

ميرپورخاص : سي ايم او شفيق شاهه پاران ڪچي بنيادن تي ڀرتي ڪيل سينيٽري ۽ ٻين 73 ملازمن جي ڀرتي کي ميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽرير زين العابدين ميمڻ غيرقانوني قرار ڏيندي سمورن ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن ۾ گذريل مهيني سي ايم او شفيق شاهه سينيٽري ۽ ٻين عهدن لا 73 ملازمن کي ڀرتي ڪيو هو، جن کي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ غيرقانوني قرار ڏيندي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي، جن ۾ 15 واٽر سپلائي ملازم ۽ 58 سينيٽري ورڪر آهن، جڏهن ته نوڪري مان فارغ ٿيندڙن ۾ عمران، زبير، حاڪم علي، ذيشان ۽ ٻيا شامل آهن. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪارپوريشن زين العابدين ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته جيڪي ملازم ڀرتي ڪيا ويا هئا، انهن جا ڪاغذ مڪمل نه هئا، غيرقانوني ڀرتين سبب ملازمن کي نوڪري مان فارغ ڪيو آهي، ڀرتي ٿيل ملازمن مان اڌ کان وڌيڪ ڊيوٽين تان غير حاضر رهندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته 58 ماڻهن کي 11 اپريل 2023ع تي سينيٽري ورڪرز جا غيرقانوني آرڊر ڏنا ويا هئا ۽ 20 اپريل 2023ع تي واٽر سپلائي لا 15 ماڻهن کي غيرقانوني آڊرر ڏنا ويا هئا. هن چيو ته سمورا غيرقانوني آرڊر چيف ميونسپل آفيسر شفيق شاهه جاري ڪيا، جنهن خلاف صوبائي وزير کي خط لکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button