پاڪستانعالمي

سعودي عرب 7 سالن بعد ايران ۾ پنهنجو سفير مقرر ڪري ڇڏيو

سعودي عرب 7 سالن کانپو ايران ۾ پنهنجو سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جو چوڻ آهي ته سعودي عرب تهران ۾ پنهنجو نئون سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ايران ۾ سعودي عرب جو سفارتخانو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ کلي ويندو، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايران به جلد سعودي عرب ۾ پنهنجو نئون سفير مقرر ڪندو. ٻئي طرف ناڻي واري وزير احسان خاندوزي جي اڳواڻي ۾ ايران جو اعليٰ سطحي وفد جدي پهچي ويو آهي، جنهن دوران سعودي عرب ۾ ايراني سفارتخاني جي بحالي ۽ نئين سفير جي مقرري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. واضح رهي ته 2016ع ۾ شيعا عالم کي ڦاهي ڏيڻ تي ايران ۾ مظاهرو ڪندڙن سعودي سفارتخاني تي حملو ڪري ڏنو هو، جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا معطل هئا، جيڪي هاڻي چين جي ٽياڪڙي سان بحال ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button