پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ٽرپل سينچري مڪمل ڪرڻ بعد ڊالر جا پويان پير، انٽر بئنڪ ۾ 11 رپيا سستو

ڊالر جي اگهه ۾ ٽرپل سينچري مڪمل ٿيڻ بعد اوچتو لاٿ آئي آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 11 رپين تائين گهٽجي وئي، جنهن بعد 288 رپين جي سطح تائين اچي ويو آهي. جمعي ڏينهن ڪاروبار دوران ڊالر جي قدر ۾ وڏي گهٽتائي آئي ۽ ڊالر مجموعي طور 14 رپيا سستو ٿي 284 رپيا 90 پئسن جو ٿي ويو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 289 رپين جو ٿي ويو آهي. تجزئي نگارن مطابق سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان کي آزاد ڪرڻ سان مارڪيٽ تي هاڪاري اثر پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button