اسلام آبادپاڪستان

سرڪاري عمارتون ساڙڻ جي سپريم ڪورٽ ذريعي جاچ ڪرائي وڃي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان سرڪاري عمارتون ساڙڻ جي واقعن جي پنهنجي سربراهي ۾ عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جيل مان آزادي بعد وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڀڃ ڊاهه منهنجو فلسفو ناهي، تاريخ شاهد آهي ته نواز شريف عدليا تي ڏنڊن سان حملو ڪيو، اسان 27 سالن جي سياسي تاريخ ۾ ڪا ڏڦيڙ واري ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن ان تي عمل ڪيو، الله جو شڪر آهي ته عدالت مون کي انصاف ڏنو، عدليا جو ٿورائتو آهيان جنهن ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل وڃڻ کان بچائي ورتو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته قوم عدليا ۽ آئين سان گڏ بيهي. هن چيو ته هوريان هوريان شيون سامهون اچي رهيون آهن، مون کي دهشتگردن جيان گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد وڃڻ کان اڳ ئي مون کي گرفتاري جو علم هو، تنهن ڪري مون چيو ته وارنٽ ڏيکاريو، پو ڀلي گرفتار ڪري، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي ليڊر سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو اهو سڄي دنيا ڏٺو آهي، القادر ٽرسٽ سان منهنجي ذات کي ڪو فائدو نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button