پاڪستانخيبرپختونخوا

9 مئي ڪارو ڏينهن هو، وڳوڙن جي سڀني ڪردارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو:آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج پنهنجي اثاثن جو تقدس ۽ سلامتي پائمال ڪرڻ جي وڌيڪ ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندي، 9 مئي جي مڇريل ماڻهن، کين ڀڙڪائڻ ۽ عمل ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊڪوارٽرز پشاور جو دورو ڪيو، جتي کيس تازي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي روڪڻ بابت هلندڙ ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف ڪور جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان امن ۽ استحڪام لا پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين، امن واري عمل کي خراب ڪندڙن لا ڪا به جا نه هوندي، هٿياربند فوج جي اهم ۽ حساس عمارتن جي تقدس جي ڀڃڪڙي ۽ انهن کي ساڙڻ جي وڌيڪ ڪا به ڪوشش برداشت نه ڪنداسين، 9 مئي جي ڪاري ڏينهن تي ٿيل ڪارواين جي سمورن رٿابندي جوڙيندڙن، مڇريل ماڻهن، انهن کي ڀڙڪائڻ ۽ عمل ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. جنرل عاصم منير انفارميشن وار فيئر ۽ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪندي چيو ته دشمن عنصرن پاران هٿياربند فوجن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عوام جي سهڪار سان اهڙين ڪريل ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button