پاڪستانپنجاب

جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه، وزيراعظم شرپسندن کي 72 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪندڙ وڳوڙين کي 72 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واقعن ۾ ملوث تحريڪ انصاف جي شرپسندن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالتن ۾ هلايا ويندا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو آهي ته جناح هائوس کي ڏسي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، وڳوڙين ۽ شرپسندن کي 72 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويندو ۽ قانون ۾ جيڪا سزا لکيل آهي اها ڏياري ويندي، دهشتگردي جي رٿابندي ڪندڙن خلاف به ڪاروائي ٿيندي. هن چيو ته جنرل عاصم منير ڊي جي آءِ ايس آءِ طور عمران خان جي ڪرپشن تان پردو کنيو هو، تنهن ڪري عمران خان ڪرپشن وائکي ڪرڻ تي آرمي چيف کي بدنام ڪري رهيو آهي، آرمي چيف بابت عمران خان جو بيان سندس بيمار ۽ جنوني ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، ڊي جي آءِ ايس آءِ طور جنرل عاصم منير عمران خان جي ڪرپشن سينڊيڪيٽ کي وائکو ڪيو هو، عمران ان ڪري پهرين ئي ڏينهن کان آرمي چيف کي بدنام ڪري رهيو آهي، عمران جو بيان 9 مئي جي المناڪ واقعن جو ماسٽر مائينڊ هئڻ جو اعتراف آهي، سندس بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته شهيدن ۽ غازين جي يادگار جي بي حرمتي پٺيان منصوبابندي عمران خان جي هئي. پاڪستان سيف سٽي اٿارٽي جي دوري دوران خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڊيڄاريندڙ ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن دل ڌوڏيندڙ واقعو پيش آيو ۽ مان اتان ئي ٿيو پيو اچان، تاريخي جناح هائوس مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي، 75 سالن جي تاريخ ۾ جيڪو اسان جو ازلي دشمن نه ڪري سگهيو اهو بدقسمتي سان 9 مئي تي عمران نيازي جي نگراني ۾ سندس رٿابندي تحت هٿياربند جٿي ڪري ڏيکاريو ۽ جناح هائوس کي مڪمل طور تي ساڙي رک ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، مان سمجهان ٿو ته هن المناڪ سانحي کانپو سڄي قوم انتهائي ڏکويل آهي، تحريڪ انصاف جا هٿياربند جٿا ڪنهن به حوالي سان دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن کان گهٽ نه آهن، جن ماڻهن ان بدترين حرڪت ۾ حصو ورتو، انهن کي هر صورت ۾ سزائون ڏنيون وينديون، قومي اثاثن تي حملا اسان جي سياست ۾ تصور به نٿا ڪري سگهجن، سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button