اسلام آباد : قومي اسيمبلي توهين پارليامينٽ بل 2023 منظور ڪري ورتو. اڱاري تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ قاعدن، ضابطن ۽ استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون توهين پارليامينٽ بل 2023 پيش ڪيو. راڻا قاسم نون چيو ته توهين پارليامينٽ جو بل اهم آهي ٻيهر ڪنهن هن هائوس جي توهين ڪئي ته ان کي سزا ملندي. اسان چئن سالن کان هن بل تي ڪم ڪري رهيا هئاسين. بل تي ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته توهين پارليامنيٽ بل اهم قانونسازي آهي، هن بل جي ڪافي عرصي کان ضرورت هئي، هن ايوان جو وقار برقرار رهڻ گهرجي. قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف بل جي هڪ ٻئي پٺيان شقن جي ايوان مان منظوري ورتي، بل ۾ سيد نويد قمر ترميم پيش ڪئي جنهن کي بل ۾ شامل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل موجب پارليامينٽ جي توهين کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، پارلياماني ڪميٽي پارليامينٽ جي توهين تي ڪنهن به رياستي يا سرڪاري آفيسر کي طلب ڪري سگهندي. بل ۾ پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي جوابدار کي 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جي تجويز ڏني وئي آهي. پارليامينٽ جي توهين جي سزا کي 30 ڏينهن اندر اپيل ڪرڻ جو حق هوندو، سزا کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي. ڪنهن به عدالت ۾ اپيل صرف لاڳاپيل ڪميٽي آڏو ڪري سگهجي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close