اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم 2 لک،صدر 8 لک ۽ چيف جسٽس 15 لک پگهار کڻڻ لڳو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پگهار وصول ڪري رهيو آهي. اهڙو انڪشاف پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) اجلاس ۾ ٿيو. نور عالم خان جي صدارت هيٺ پي اي سي اجلاس ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ججن جي گراس سيلري جا تفصيل پيش ڪيا ويا.ان موقعي تي انڪشاف ٿيو ته چيف جسٽس جي پگهار وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کان به وڌيڪ آهي. نور عالم خان تفصيل پڙهندي ٻڌايو ته صدر جي پگهار 8 لک 96 هزار 550 رپيا آهي، وزيراعظم جي پگهار ٻه لک هڪ هزار 574 رپيا، وفاقي وزير جي پگهار 3 لک 38 هزار 125 رپيا، قومي اسيمبلي ميمبر جي پگهار هڪ لک 88 هزار رپيا آهي، جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي پگهار 15 لک 27 هزار 399 رپيا آهي. پي اي سي چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهار 14 لک 70 هزار 711 رپيا آهي، 22 هين گريڊ جي وفاقي آفيسر جي پگهار 5 لک 91 هزار 475 رپيا آهي. نور عالم خان ٻڌايو ته انهن سڀني عهديدارن جون مراعتون ڌار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button