اسلام آبادپاڪستان

وڳوڙين خلاف آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل جو فيصلو

اسلام آباد :قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان رسائيندڙن ۽ ان جي رٿابندي ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ۽ آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ 9 مئي جي پرتشدد واقعن جي نقصانن ۽ ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته سياسي پارٽي جي وڳوڙين طئي ٿيل پلان تحت هي سڀ ڪيو، واقعن جون وڊيوز ۽ ثبوت موجود آهن. ٻڌايو ويو ته ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون لڳائڻ ۾ ملوث 5 هزار کان وڌيڪ وڳوڙين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ 9 مئي جي تشدد وارن واقعن تي مذمت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته فوجي ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان رسائيندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي سلامتي ڪميٽي مطابق سياسي مقصدن جي آڙ ۾ فوجي ملڪيتن کي نقصان ڏنو ويو، ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي ادارن تي حملا قبول نه آهن. وزيراعظم چيو ته سياسي مقصدن لاءِ ادارن تي حملا افسوسناڪ آهن. جناح هائوس کي باهه لڳائي وئي، 75 سالن ۾ جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو اهو هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج تشدد وارن واقعن تي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي. پوري قوم هٿياربند فوج سان ٻڌي جو اظهار ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، فوجي ۽ سرڪاري هنڌن تي حملا ڪندڙ ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي به ملڪ جو امن ۽ استحڪام دائو تي لڳائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺي آهي. اجلاس ۾ وڳوڙين جي خلاف ڪيسن جو جلد فيصلو ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو. انٽيليجنس جي بنياد تي هاڻوڪن آپريشنز کي به ساراهيو. اجلاس ۾ ادارن جي خلاف ٻاهرين ۽ اندرين پروپيگنڊا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ عزم ڪندي چيو ويو ته ناپاڪ پروپيگنڊا کي پاڪستاني عوامي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. فورم ملڪ ۾ انتشار ڦهلائيندڙن کي سوچيل سمجهيل سازش قرار ڏنو. ملڪ دشمني ۾ ملوث وڳوڙين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن سان ڪائي رعايت نه ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button