پاڪستانسنڌ

پي ٽي آئي دھشتگرد تنظيم بڻجي چُڪي، عمران کي اقتدار جي حوس آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ھاڻي ھڪ دھشتگرد تنظيم بڻجي چُڪي آھي، پي ٽي آءِ 9 مئي تي جيڪو ڪجهھ به ڪيو، اھو ڪنھن قومي جماعت جو ڪم نٿو ٿي سگھي، ڪابه قومي پارٽي اھڙي قسم جي تشدد جي سياست ناھي ڪندي ۽ نه ئي اُن جو سياسي طرز عمل آھي. عمران خان رڳو پنھنجي اقتدار جي حوس ۽ پنھنجي انا جي تسڪين لاءِ ماڻھن کي انساني ڍال طور استعمال ڪندو آھي، کيس عوام سان ڪو سروڪار ناھي، عمران جي پارٽي جا ماڻھو جيلن ۾ آھن ۽ ھُو پاڻ گھر ويٺو آھي، ٻين جي ٻارن کي احتجاج لاءِ اتساھي رھيو آھي، پر سندس ٻار ملڪ کان ٻاھر ويٺل آھن. سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول ۾ غيرضروري دير سان بيچيني پيدا ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ ته مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي پر چونڊيل مڪاني نمائندا اڃا تائين قسم کڻي نه سگھيا آھن، اُن باوجود اليڪشن ڪميشن دير وارو شيڊول ڏنو آھي.

ڪالهه آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پنھنجي شيڊول ۾ فوري تبديلي ڪري ته جيئن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو عمل جلد کان جلد مڪمل ٿي سگھي ۽ چونڊيل مڪاني نمائندا عوامي خدمت وارا پنھنجا فرض سرانجام ڏئي سگھن. ھن چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينھن ھو، 9 مئي تي ماڻھن کي ستايو ويو، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي باھه ڏني وئي، پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز 9 مئي تي ٿيل واقعن ۾ ملوث ھُئا. ھن چيو ته ڀڃ ڊاهه ڪرڻ وارا ھاڻي بيان ۽ پارٽيون تبديل ڪري رھيا آھن، 2018 ۾ جھڙي ريت اُنھن ماڻھن کي ٻورين ۽ جھاز ۾ ڀري ھن پارٽي ۾ آندو ويو آھي، ھاڻي اُھي ماڻھو ساڳي اسپيڊ سان اُن کي ڇڏي رھيا آھن.

ھن چيو ته عمران خان 9 مئي جي واقعن جو الزام ڪنھن ٻئي تي مڙھيو پر وڊيوز جا ثبوت واضح طور تي ٻڌائي رھيا آھن ته پي ٽي آءِ جا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ليڊر اُنھن واقعن ۾ پاڻ ذاتي طور ملوث ھُئا. اُن موقعي تي ھن صحافين کي اسڪرين تي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جون وڊيوز پڻ تفصيل سان ڏيکاريون. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھه چيو آھي ته 9 مئي کي جنھن ماڻھن جون موٽر سائيڪلون ساڙيون ويون آھن، سنڌ سرڪار اُنھن متاثر ماڻھن کي موٽرسائيڪلون ڏيندي، ڇاڪاڻ ته اھي پورھيت ماڻھو پنھنجن ڪم ڪارن لاءِ گھرن کان موٽرسائيڪلن تي نڪتا ھُئا ۽ اُن تخريبڪاري جو شڪار ٿي ويا. شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته قانون ھٿن ۾ کڻندڙن ۽ اھلڪارن تي تشدد ڪرڻ وارن کي ڪنھن به صورت ۾ بخشيو نه ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button