اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ بار طرفان 9 مئي واقعن جي مذمت،فوجي ٽرائل جي مخالفت

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن 9 مئي جي پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي شهرين جا فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پاران جناح هائوس ۽ فوجي هنڌن تي حملي جي مذمت ڪندي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرتشدد ڌرين جو عمل نه رڳو قانون جي حڪمراني کي نقصان پهچائي ٿو پر ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ به خطرو آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فوجي عمارتن جي سڪيورٽي قومي سلامتي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي، تاريخي ۽ ثقافتي عمارتن تي حملو پاڪستان جي تشخص تي حملو آهي. سپريم ڪورٽ بار پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جو ٽرائل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پرتشدد واقعن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ هلائڻ غير آئيني هوندو. سپريم ڪورٽ بار چيو ته امن امان برقرار رکڻ ضروري آهي پر انصاف، شفافيت ۽ فيئر ٽرائل جا تقاضا پورا ڪرڻ به ضروري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button