پاڪستانسنڌ

پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا روهڙي ۾ پيادل مارچ

روهڙي: پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي ٻيڙي چوڪ کان روھڙي پريس ڪلب تائين پروفيسر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند، شوڪت نوناري، مجاھد بوزدار ۽ اي ڊي ڱھنيو جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو. ريلي ۾ شامل اڳواڻن جي ھٿ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جنھن تي مقتول جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ مقتول جي خون سان انصاف جا نعرا لکيل ھئا. ان موقعي تي هنن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند سموري سنڌ جو اثاثو هو، جنهن جو قتل شعور جو قتل آهي، وارث قاتلن سڃاڻيندا آهن ۽ علائقي جا ٻار به ھنن قاتلن کان واقف آهن، پر 43 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button