اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو آچر تي اسلام آباد کان آزاد ڪشمير جي دوري تي ويندو

اسلام آباد:مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آزاد ڪشمير جو دورو ڪندو. ڪشمير جو ڪيس پاڪستان پيپلزپارٽي هر فورم تي وڙهيو آهي، پرڏيهي وزير دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن جي باري ۾ ٻڌائيندو. جي 20 ڪانفرنس والاريل ڪشمير ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن تي پاڪستان سدائين احتجاج ڪيو، ان ڪيس کي اسان هر جڳهه تي اٿاريو ته اهو هتي نه ٿيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو 21 تاريخ تي اسلام آباد کان مظفرآباد ويندو جتي هو ڪشمير اسيمبلي کي به خطاب ڪندو ۽ ميڊيا سان پڻ ڳالهائيندو. 23 تاريخ تائين ڪشمير ۾ رهندو. پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن هو، 9 مئي جي واقعن جي پيپلزپارٽي ڀرپور مذمت ڪئي. هن چيو ته اسان جو هڪٻئي سان سياسي اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر ماضي ۾ ڪڏهن به اهڙيون حالتون پيدا نه ٿيون، عمران خان سڏ ڏنو هو جنهن تي هن جي ڪارڪنن سڀ ڪجهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button