اسلام آبادپاڪستان

شاهه محمود قريشي ۽ شهريار آفريدي جي زال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :سلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ شهريار آفريدي جي زال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت شاهه محمود قريشي جي گرفتاري خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي. جسٽس ارباب طاهر ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه به ٿئي اوهان کي ٻڌائي رهيا آهيون ٺيڪ نه پيو ٿئي، ڪو ڪمپرومائيز نه ٿيندو، جيڪو ملوث هوندو ان کي سزا ڏيو، جيڪي ساڙيا ويا اهي پاڪستان جا ۽ اسان جا اثاثا آهن، پر عورتن کي ايئن نه پڪڙيو وڃي قانون تي عمل ٿيندو، ان تي آئي جي اسلام آباد چيو ته اسان ڏٺو آهي ته گهريلو عورتن پنهنجا مڙس به قتل ڪيا آهن. گهريلو عورتون ڪجهه ٻين سرگرمين ۾ ملوث ٿي سگهن ٿيون. عدالت چيو ته هڪ شئي ياد رکو اسان جي عدالت مان آزادي کان پو ڪنهن کي گرفتار ڪيو ته وڏو مسئلو ٿيندو. عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي ته سخت نتيجا نڪرند.ا اوهان قانوني ڪارروائي ڪريو پر اهو ڇا ته اوهان گهريلو عورتن کي ئي گرفتار ڪري ورتو. اسان شهريار آفريدي جي زال جو حلفي بيان وٺي کيس آزاد ڪري رهيا آهيون، جنهن کان پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي ۽ شهريار آفريدي جي زال کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته شهريار آفردي جي زال کي حلفي بيان کان پوءِ آزاد ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button