اسلام آبادپاڪستان

عمران تنهنجي فسطائيت جو بندوبست ڪيو پيو وڃي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته تنهنجي فسطائيت، ملڪ سان دشمني ۽ ملڪ تي حملا آور ٿيڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بندوبست ٿي رهيو آهي ته ٻيهر سياست جي لباس ۾ ڪوئي ملڪ سان دشمني نه ڪري ۽ رياست تي حملو نه ڪري. هن چيو ته بندوبست ٿي رهيو آهي ته ٻيهر شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي ڪوئي بي حرمتي نه ڪري سگهي. هن چيو ته تو ماڻهن جي نياڻين جي گهرن تي حملا ڪرايا، تو ماڻهن جي نياڻين کي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ماڻهن جي ڀينرن کي گهليو پر پوءِ به ڪوئي تو وانگر هن ملڪ تي حملا آور نه ٿيو. سياست جو لباس پائي تو ملڪ ۽ عوام کي سزا ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button