پاڪستانپنجاب

پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لا ثبوت اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيا

پنجاب جي نگران حڪومت تحريڪ انصاف کي ڪالعدم جماعت قرار ڏيڻ لا چيف اليڪشن ڪمشنر کي 9 مئي جي دهشتگردي ۾ پي ٽي آ جي ملوث هجڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن. مليل ڄاڻ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سان ملڻ لا وزيراعليٰ هائوس لاهور پهتو، جتي ٻنهي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي بريفنگ اجلاس ٿيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ پنجاب حڪومت موجوده صورتحال جي روشني ۾ عوام جي تحفظ لاءِ بهترين ۽ جرئتمنداڻا قدم کنيا آهن، اسان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي ڪو سياسي مقصد آهي، عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي قدمن جو ٻيهر جائزو وٺنداسين، اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي صاف شفاف چونڊن لاءِ هر ممڪن نموني سان سپورٽ ڪندي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مان جاري بيان موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پنجاب جي وڏي وزير جي آفيس جو دورو ڪيو، نگران وڏي وزير محسن نقوي سندس آجيان ڪئي. نگران وڏي وزير ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جي بريفنگ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 9 مئي جي دهشتگردي جي واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي هڪ سياسي پارٽي جي 9 مئي تي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جا ٺوس ثبوت پيش ڪيا ويا. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي تصويرون، وڊيوز ۽ ميسيجنگ جا ثبوت پيش ڪيا ويا، نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته 9 مئي تي هڪ سياسي پارٽي پوري پاڪستاني قوم کي شرمسار ڪيو، فوجي ملڪيتن تي حملا باقاعدي منصوبابندي تحت ڪيا ويا، هن چيو ته جيو فينسنگ ذريعي حملي آورن ۽ زمان پارڪ ۾ موجود سياسي ليڊرشپ وچ ۾ رابطن جا ثبوت سامهون آيا آهن. سياست جي آڙ ۾ مڪروهه کيڏ کيڏيو ويو ۽ شروعاتي ڪاٿي موجب 600 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته نگران وڏي وزير محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ پنجاب حڪومت موجوده صورتحال جي روشني ۾ عوام جي تحفظ لاءِ بهترين ۽ جرئتمنداڻا قدم کنيا آهن، پنجاب حڪومت جي ٽيم کان مطئمن آهيان ته هو پنهنجا فرض ايمانداري سان ادا ڪري رهي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن جو مقصد آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ آهي، اسان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي سياسي مقصد آهن. هن چيو ته هميشه ميرٽ تي فيصلا ڪيا آهن نگران حڪومت به غيرجانبدار آهي ۽ فري اينڊ فيئر اليڪشن جو ان کي مينڊيٽ حاصل آهي. عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي قدمن جو ٻيهر جائزو وٺنداسين، اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي فري اينڊ فيئر اليڪشن لاءِ هر ممڪن سپورٽ ڪندي، اوهان کي ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي، اسان اوهان سان گڏ آهيون، اجلاس ۾ پنجاب اندر عام چونڊن جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ موجوده حالتن جي ڏس ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي نئين سر نظرثاني ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي 9 مئي تي پيش آيل دهشتگردي جي واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر عثمان انور 9 مئي تي جناح هائوس ۽ فوج جي ملڪيتن تي حملن جي تفصيلن بابت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي آگاهه ڪيو. گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري دهشتگردن جي حملن سبب ٿيل نقصانن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مجموعي طور تي ٽن ڏينهن ۾ تشدد جا 256 واقعا ٿيا، فوجي ملڪيتن ۽ هنڌن کي خصوصي طور تي نشانو بڻايو ويو، پوليس سميت ٻين ادارن جي 108 گاڏين ۽ 23 عمارتن کي نقصان پهچايو ويو. پرتشدد واقعن ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 127 پوليس آفيسر ۽ جوان ۽ 15 شهري زخمي ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button