پاڪستانپنجاب

عمران خان جو تحريڪ انصاف ڇڏيندڙن کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪير آهي جيڪو ڪور ڪمانڊر هائوس ساڙڻ ۽ حملي جي مذمت نه پيو ڪري، پاڪستان ۾ ڪو اهڙو انسان ٻڌايو جنهن ان واقعي جي مذمت نه ڪئي هجي، منهنجون هن وقت ڪنهن سان به ڳالهيون نه پيو هلن، شروع کان چئي رهيو آهيان ته هر ڪنهن سان ڳالهائڻ لا تيار آهيان پر ڳالهه ٻولهه فقط اليڪشن تي ڪرڻي آهي. زمان پارڪ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته آئون ميڊيا جو شڪرگذار آهيان جنهن هتي اچي پاڻ ڏٺو ته منهنجي گهر ۾ ڪيترا دهشتگرد لڪي ويٺل آهن، ان ڪري زمان پارڪ جي چئني پاسي جيڪو ڪڙو چڙهيل هو ۽ پوليس ذريعي ڪاهه ڪرڻ جي جيڪا رٿابندي جوڙي وئي هئي، اها نه ٿي ۽ منهنجو گهر بچي ويو، حڪومت کي نالو کڻڻ گهرجي، جڏهن توهان چئو ٿا ته 40 دهشتگرد لڪيل آهن ته توهان کي انهن جا نالا ته خبر هوندا نه، دهشتگردن جا نالا ڇو نٿا کڻو، ميڊيا جي اچڻ ڪري اهو سڀ رڪجي ويو، حڪومت جيڪي حرڪتون ڪري رهي آهي، ان سان سياسي پاليسي ڪڏهن به هيٺ ناهي ويندي، اها وڌندي ويندي، جنهن سياسي جماعت جو ووٽ بئنڪ آهي، اها اهڙين حرڪتن سان اڃا وڌيڪ مٿي چڙهندي. هن چيو ته اسان جي پارٽي جا ڪيترائي ڪارڪن ڇڏي وڃي رهيا آهن، جن مان ڪيترن کي آئون به سڃاڻان به ڪو نه ٿو، پر مون کي عامر ڪياني جي وڃڻ جو ڏاڍو افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي پارٽي جو ڏاڍو پراڻو ورڪر هو ۽ هن وڏي محنت ڪئي، تنهن ڪري سندس وڃڻ جو ڏک اٿم، آئون سمجهان ٿو ته عامر ڪياني ۽ ٻين اڳواڻن تي وڏو دٻا آهي ۽ هر ڪو دٻا کڻي نٿو سگهي، پنهنجي ماڻهن کي به چوندس ته عامر ڪياني کي ڪير به گهٽ وڌ نه ڳالهائي، ڇاڪاڻ ته اڄ جنهن قسم جو دٻا آهي اهڙو دٻا ملڪ جي تاريخ ۾ سياستدانن تي ڪڏهن به ناهي پيو، ماڻهن کي کنڀي جيلن ۾ وڌو پيو وڃي، گهرن ۾ گهڙي عورتن سان بدتميزي ڪئي پئي وڃي، ان باوجود جيڪي ماڻهو اڄ مون سان گڏ بيٺل آهن، انهن کي مان ۽ قوم به ڪڏهن نه وساريندي، جيڪي ماڻهو هي پريشر برداشت ڪري ويا، انهن کي قوم هميشه ياد رکندي، آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن مان اڪيلو به رهجي ويس تڏهن به حقيقي آزادي ۽ هن ملڪ لا بيٺل رهندس، ڪير ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته هن دٻا جي ڪري آئون پوئتي هٽي ويندس، جنهن تي ٻه حملا ٿي چڪا هجن ۽ هو پنهنجي تحريڪ تان پوئتي نه هٽي ته سمجهي وٺو اهو ماڻهو هاڻي پوئتي نه هٽندو. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعن جي جاچ ٿيڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هن سازش ۾ اها ڳالهه به سامهون ايندي ته رٿابندي جوڙي وئي ته تحريڪ انصاف کي فوج جي سامهون بيهاريو وڃي ۽ فوج جي ذريعي پي ٽي آ جماعت کي ختم ڪيو وڃي، اهو منصوبو ملڪ لا خطرناڪ آهي، جنهن جي پٺيان پي ڊي ايم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button