اسلام آبادپاڪستان

ملڪ امين اسلم ۽ ڊاڪٽر امجد سميت 10 کان وڌيڪ ميمبر تحريڪ انصاف کي ڇڏي ويا

عمران خان جي اڳوڻي خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پي ٽي آ سينٽرل ڪور ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر امجد، ڏکڻ پنجاب جي 8 اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪراچي مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر عمران شاهه سميت وڌيڪ ڪيترائي اڳواڻ تحريڪ انصاف ڇڏي ويا ۽ 9 مئي جي وڳوڙن تي احتجاج طور استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن. پنجاب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن سميت ملتان، مظفرڳڙهه، خانيوال، ڊيره غازي خان ۽ ليا سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مختلف 8 اڳواڻن ۽ اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. ملتان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي ظهير الدين عليزئي ۽ سندس ساٿين چيو ته اسان جي ويجهو پاڪستان جي سلامتي سڀ کان مٿانهين آهي ۽ اسان جي جيڪا به سڃاڻپ آهي اها پاڪستان ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪري آهي، 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جنهن انداز ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملو ڪيو ۽ جناح هائوس جهڙي تاريخي عمارت کي باهه ڏني ۽ ان کانپوءِ اهڙي پارٽي سان هلڻ اسان لاءِ ممڪن ناهي رهيو. پارٽي ڇڏيندڙن ۾ ظهير الدين عليزئي جو تعلق ملتان، عون ڊوگر ۽ عبدالحئي، عملدار قريشي جو تعلق مظفر ڳڙهه، سجاد چينا جو تعلق ڊيره غازي خان، قيصر مگسي جو ليه ۽ ملڪ مجتبيٰ جو تعلق خانيوال سان آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار رهندڙ ۽ بلين سونامي ٽري منصوبي جي نگران ملڪ امين اسلم لاهور ۾ پي ٽي آ کي الوداع چوڻ جو اعلان ڪندي چيو ته رياستي ملڪيتن ۽ ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ پارٽي سان وڌيڪ نٿو هلي سگهان، پي ٽي آءِ پاڪ فوج تي حملا ڪري ملڪ دشمنن خاص ڪري ڀارت کي خوش ڪري ڇڏيو آهي، 9 مئي جي واقعن سان مون جهڙن ماڻهن کي ڌچڪو لڳو آهي، پي ٽي آءِ پرامن پارٽي کان انڪار ڪندي شهيدن جي يادگارن ۽ ايم ايم عالم جي جهاز کي به نه بخشيو، مان ان ايجنڊا سان گڏ آهيان نه ئي ان جو حصو بڻجي سگهان ٿو، مون کي ڪنهن به شيءَ جو دٻاءُ ناهي، جن جن شهرن ۾ احتجاج ٿيا نشانو فوج جون ملڪيتون هيون، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀني کي وائکو ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر عمران شاهه به پارٽي ڇڏي ڏني. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گذريل 72 ڪلاڪ مون تي ڳريا گذريا آهن، اهو ئي سوچيندو رهيس ته سياسي طور تي ڪهڙي پاسي وڃان، تمام گهڻو سوچڻ بعد سياست ڇڏي رهيو آهيان ۽ ايم پي اي طور استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته لاهور ۽ ميانوالي جا واقعا افسوسناڪ آهن، جنهن بعد گهرڀاتين ۽ دوستن سان ڊگهي صلاح مشوري بعد پي ٽي آ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button