پاڪستانپنجاب

زمان پارڪ مان 9 مئي حملي جا 8 دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاهور ۾ پوليس زمان پارڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي 8 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي حسن جاويد چيو آهي ته زمان پارڪ مان فرار ٿيندڙ 8 شڪي ماڻهو حراست ۾ ورتا ويا آهن، اسان کي پڪا اطلاع هئا ته زمان پارڪ ۾ 30 کان 40 شرپسند موجود آهن، جن مان 8 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اڃا به اطلاع آهن ته زمان پارڪ ۾ شرپسند موجود آهن، زمان پارڪ تي آپريشن بابت حتمي فيصلو اعليٰ آفيسرن جي حڪم تي ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻيا ماڻهو به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر پوليس کي ڏسي واپس هليا وڃن ٿا، پڪڙيل 8 شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. ٻئي طرف سڌ سما بابت پنجاب جي نگران وزير عامر مير تصديق ڪندي چيو آهي ته زمان پارڪ مان نڪري واهه رستي فرار ٿيندي پڪڙيل 8 دهشتگرد ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي ۾ ملوث نڪتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button