سنڌ

ايران سان واپاري لاڳاپا سٺو سنئوڻ، گئس پائيپ لائين منصوبو پڻ مڪمل ڪيو وڃي:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ايران سان واپاري لاڳاپا قائم ٿيڻ خوشي جي ڳالهھ آھي، ان سان گڏ اڻپوري گئس پائيپ لائين منصوبي کي به مڪمل ڪيو وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسان کي ڪنهن به سياسي مصلحت ۽ سفارتي آداب کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي قومي خودمختياري ۽ دفاع لاءِ جرئت سان جواب ڏيڻ گهرجي، هڪ ڊڪٽيٽر کي مھرو بڻائي ھڪ ڏھاڪي تائين پاڪستان کي اهڙي گناھه ۽ جنگ ۾ ڌڪيو ويو، جنهن جا اڄ به اسان جي سماج تي اثر آهن، پاڪستان هڪ خوشحال ملڪ کان ڪمزور ۽ بدحال ملڪ بڻجي ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته اسين ڪنھن به ملڪ ۾ ڪنهن جي به مداخلت کي رد ڪريون ٿا ۽ ٻين کي صلاح ڏيون ٿا ته هو ٻين جي اندروني معاملن ۾ پوڻ کان پاسو ڪن. اسان ڪمزور آهيون پر اسان جي غيرت، انا ۽ اتحاد مضبوط آهي، اولھه جي پرڏيهي ۽ اقتصادي پاليسي ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن ۾ درجن کان وڌيڪ ملڪن ڊالر کانسواءِ پنهنجي واحد ڪرنسي کي ھلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان کي گهرجي ته نين تبديلين ۽ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو وٺندي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻي، علائقائي تڪرارن کي پاسي تي رکي چين ۽ ڀارت جي طرز تي قومي لاڳاپن کي هٿي ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي به ايران، ترڪي، يورپ ۽ افغانستان ذريعي ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ چين ۽ ڀارت جي عالمي آبادي ۽ وسيع واپار، تجربي ۽ صلاحيتن جي حوالي سان مارڪيٽن تائين پهچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button