سنڌ

9 مئي واقعن جي مذمت،ملڪ ۾ جاري ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪريون ٿا:پ پ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 9 مئي تي پيش آيل شرپسند واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هن تاريخ کي ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته ان ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جڏهن ته هر معاملو آئين جي مطابق ٿيڻ گھرجي. ڪميٽي ملڪ ۾ جاري ڊجيٽل مردم شماري کي رد ڪندي پاڪستان کي درپيش معاشي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قيادت کي تجويز ڏني ته هو عوام جي معاشي ڀلائي لاءِ آواز اٿاري. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گڏيل طور ڪئي. اجلاس کانپوءِ پ پ پ پارليامينٽرينز جي سينيئر نائب صدر ۽ وفاقي ماحوليات واري وزير شيري رحمان، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته اجلاس ملڪ ۾ هلندڙ ڊجيٽل مردم شماري کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ مردم شماري هڪجهڙي معيار جي هجي، ڪجهه علائقن ۾ ڊجيٽل مردم شماري جاري ۽ ٻين علائقن ۾ بند ڪئي وئي. شيري رحمان چيو ته اجلاس ۾ پارٽي چيئرمين جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ملڪ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو، جن جي ڪوششن سان پاڪستان سفارتي اڪيلائي مان نڪري آيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پرڏيهي وزير جي موثر ۽ ڀرپور شرڪت سان پاڪستان جو اقبال بلند ٿيو آهي. اجلاس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪشميرين جي مسلسل حمايت کي مثالي قدم قرار ڏنو، جڏهن ته ڀارت ۾ جي 20 اجلاس منعقد ڪرڻ تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار پڻ تعريف جوڳو قدم آهي. وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، هن ملڪ اهڙا منظر اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مشڪل ترين حالتن ۾ به اهڙا قدم نه کنيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل کان پوءِ يا محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي، ان طرح نه ڪيو ويو. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري به اهو چيو ته پاڪستان کپي. شيري رحمان تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جو رويو هميشه اهو رهيو آهي ته “اسان آهيون ته پاڪستان آهي “، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سوچ اها رهي آهي ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ريڊ لائنز پار ڪري چڪي آهي. صحافي پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ساڙڻ ۽ گھيرا ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙن کي قانون موجب گرفتار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن پاڻ ساڙڻ ۽ گهيرڻ جا حڪم ڏنا هئا پر هاڻي ڦري ويا آهن. پي ٽي آءِ وارا يوٽرن جا بادشاهه آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button