سنڌ

حيدرآباد واسي عورت کي ڀائرن ۽ پي مان خطرو، تحفظ ڏيارڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ رهندڙ عورت سسئي عمراڻي ڀائرن ۽ والد کان پنهنجي زندگي کي خطرو ڄاڻائيندي تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي مڙس اصغر علي عمراڻي سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سسئي چيو ته شھر جي مختلف گھرن ۾ ڪم ڪار ڪري گذارو ڪندا آھيون، مڙس اصغر فيڪٽري ۾ پورھيو ڪري ٿو. هن الزام هنيو ته ڀائر ۽ پيءُ ڪاري ڪري زبردستي بلوچستان وٺي وڃي قتل ڪرڻ چاھين ٿا، انهن مان زندگي کي خطرو آهي، اسان اهڙو اطلاع سائيٽ ٿاڻي تي ڏنو آھي پر پوليس رشوت وٺي ٻٽ بڻجي وئي آھي. اصغر عمراڻي چيو ته هو ڪوڙو الزام ھڻي اسان کي دربدر ڪرڻ ٿا چاھين، سسئي تي ڪاري ھجڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي. اسان انساني حقن جي تنظيمن کان اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي حياتي بچائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button