اسلام آبادپاڪستان

ڪابينا 9 مئي واقعن بابت سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪابينا جي قانون سازي بابت ڪميٽي جي 3 ۽ 11 مئي جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. 9 مئي تي پيش آيل واقعن جي پڻ مذمت ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي فراهم ڪيل رليف عوام کي نه پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جي به منظوري ڏني وئي. واضح رهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button