اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حياتي بچائيندڙ دوائون 20 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد : ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب حياتي بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ 14 سيڪڙو واڌ ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته ٻين دوائن جي اگهن ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊريپ جو پاليسي بورڊ اگهه مقرر ڪرڻ جو ٽن مهينن کانپوءِ ٻيهر جائزو وٺندو. اختيارين موجب ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جي صورت ۾ دوائون به سستيون ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته اگهن ۾ واڌ جي منظوري وفاقي ڪابينا جي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪميٽي ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button