اسلام آبادپاڪستان

عمران 9 مئي سانحي جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري قبول ڪري:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سما جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 9 مئي جي سانحي جي ڏوهه جي مذمت ڪافي نه آهي، عمران خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري قبول ڪري. عمران خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي. هن سعودي عرب جي ڏنل گهڙيءَ وڪرو ڪئي، سائفر جو ڪوڙ ڳالهايو، قومي ادارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرايا. هن چيو ته مذمت سان 9 مئي جو ڏوهه لڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڏوهاري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان تسليم ڪري ته 9 مئي جي کليل دهشتگردي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي پٺيان توهان ماسٽر مائنڊ هئا ۽ توهان منصوبابندي ڪئي. اسپتالون، اسڪول، مسجدون، ايمبولينس ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙڻ جي منصوبابندي توهان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان مذمت نه ڪري، دهشتگردي جي مرڪز زمان پارڪ ۾ لڪل دهشتگرد قانون جي حوالي ڪري. هن چيو ته پوليس تي پيٽرول بم، گوليون ۽ پٿر اڇلائيندڙ رڳو مذمت ڪري جان نه ٿا ڇڏرائي سگهن. رياست تي حملو ڪندڙن کي سزا ڏيڻ دنيا ۾ ڪنهن انساني حق جي خلاف ورزي نه آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ مريضن تي حملو ڪري ايمبولينسون ساڙڻ انساني حقن جون خلاف ورزيون آهن، انهن ڪاررواين ۾ ملوث وحشين کي سزا ڏيڻ انساني حقن جي خلاف ورزي نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فاشسٽ جي هٿان نُنهن، ڌيئرن ۽ پٽن کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ انساني حقن جي خلاف ورزي هئي. طيبه گل کي اغوا ڪري وزيراعظم هائوس ۾ رکڻ انساني حقن جي خلاف ورزي هئي، صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي قيد ڪرڻ، گوليون هڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙڻ انساني حق جي خلاف ورزي هئي، هزاره برادري جي مظلوم شهيدن جي پونئيرن کي “جنازن سان بليڪ ميل نه ٿيندس” چوڻ انساني حقن جي خلاف ورزي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button