اسلام آبادپاڪستان

کدڙا نه جنس مٽائي سگهن ٿا،نه پاڻ کي مرد يا عورت سڏرائي سگهن ٿا:شرعي عدالت

اسلام آباد :وفاقي شرعي عدالت کدڙن فقيرن جي حقن بابت ٽرانسجينڊر ايڪٽ خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. وفاقي شرعي عدالت جي قائم مقام چيف جسٽس محمد انور ۽ جسٽس خادم حسين کدڙن فقيرن جي حقن بابت ٽرانسجينڊر ايڪٽ خلاف درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته کدڙا فقير پنهنجي جنس تبديل نٿا ڪرائي سگهن ۽ نه ئي پاڻ کي مرد يا عورت سڏرائي سگهن ٿا. وفاقي شرعي عدالت ٽرانسجينڊر ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 3 کي اسلامي تعليمن جي خلاف قرار ڏنو. عدالت چيو ته ٽرانجينڊرز پروٽيڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 7 به اسلام ۽ شريعت جي خلاف آهي، جسماني بيهڪ ۽ هٿرادو سڃاڻپ تي ڪنهن کي ٽرانسجينڊر قرار نٿو ڏئي سگهجي. عدالت چيو ته حڪومت کدڙن فقيرن کي سمورا حق ڏيڻ جي پابند آهي، اسلام کدڙن فقيرن کي سمورا انساني حقن فراهم ڪري ٿو. وفاقي شرعي عدالت ٽرانسجينڊرز پروٽيڪشن ايڪٽ خلاف داخل درخواستون اڪلائي ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button