پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان مبينا مقابلي ۾ ماريل ڏوهارين جي سڃاڻپ ٿي وئي، لاش عورتن حوالي

اوٻاوڙو: کنڀڙا پوليس پاران گذريل رات دير سان نور شاهه دم دمي وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن ڏوهارين جي سڃاڻپ ماڇڪو جي فتح پور واسي خان محمد پٽ کنڊو سيلرو، چڪ نصيرآباد واسي ڦلو پٽ صالح محمد سيلرو ۽ بدلو پٽ ڀورو ڪوش طور ٿي. جڏهن ته ڏوهارين جا لاش 20 ڪلاڪن بعد وارث عورتن مائي ڇٽڻ سيلرو ۽ جيوڻ جي حوالي ڪيا ويا. ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي جي ترجمان ٻڌايو ته هڪ زخمي ٿيل ڏوهاري جي ڄاڻ ملي آھي، جنهن جو نالو عارب پٽ گلو شر آھي، جيڪو پڻ فوت ٿي ويو آهي. مارجي ويل ڏوهارين مٿان چوري، ڦرلٽ ۽ ٻيا سنگين نوعيت جا ڪيس داخل آهن، گهوٽڪي ۽ ماڇڪو پنجاب پوليس کي گهربل هئا، ڏوهارين جو ڪرمنل رڪارڊ گهوٽڪي، ڪشمور ۽ رحيم يار خان ضلعن جي ٿاڻن مان مليو آهي. جڏهن ته مارجي ويل هڪ ڏوهاري جو لاش ساٿي کڻي ويا آهن. ايس ايس پي مطابق عارب پٽ گلو شر رونتي ڪچي جي حد ۾ 4 مهينا اڳ هڪ ڊي ايس پي، ٻه ايس ايڇ اوز ۽ ٻه پوليس ڪانسٽيبل کي شھيد ڪرڻ واري ڪيس ۾گهربل هو، هو پوليس مقابلن ۽ قتل ڪيسن ۾ گهربل هو. جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين خلاف کنڀڙا ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين جو ڪو به دين ايمان ناهي، اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو آهي، شھيد اھلڪارن جو پلاند پورو ٿيڻ تائين آپريشن جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button