پاڪستانسنڌ

جهنڊي مري ۾ آبپاشي عملدارن خلاف آبادگارن جي ريلي

عثمان شاھه ھڙي: جهنڊو مري ۾ نصير ڪئنال مان نڪرندڙ ٽنڊو سومرو ٽو شاخ جي آبادگارن باغي ڪالرو، عنايت ڪالرو، نواب منصور علي لغاري، اسحاق دل ۽ عباس ڪالرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان اُُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف ڇتي نعاريبازي ڪئي. ان موقعي تي ٽنڊو سومرو ٽو شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن چيو ته برسات ۽ هٿرادو ڪٽن جي پاڻي سبب اسان جا ڳوٺ توڙي زرعي زمينون بنجر ٿي چڪيون آهن، مٿان وري آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن رشوت نه ڏيڻ ڪري مسلسل چئن مهينن کان پڇڙي ۾ پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سبب چوپايو مال اڃ مري رهيو آھي ۽ جر جو پاڻي کارو آھي. جڏهن ته منڍ ۾ آبپاشي ڪامورا بااثرن کي لکين رپين عيوض پاڻي وڪرو ڪن ٿا، جيڪو اسان سان ظلم ۽ اسان جو معاشي قتل عام برابر عمل آهي. هنن آبپاشي کاتي جي اعلى اختيارين توڙي تڪ جي چونڍيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button