پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ بااثر ماڻهن خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت جي پراڻي قبرستان تي بااثر جي مبينا قبضي خلاف مزدور اتحاد جي سڏ تي سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ شهرين پريس ڪلب کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مزدور اتحاد اڳواڻ حيدر لاشاري، محبوب نوناري، گل حسن سولنگي، عبدالحق ناريجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرڙي محبت ۾ هڪ سئو سال پراڻي ۽ اوالي قبرستان تي بااثر پپو ناريجو ۽ جهانگير ناريجو ڪوڙو رڪارڊ روينيو عملي سان ملي ڀڳت ڪري آڻي قبرستان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا. هنن چتاءُ ڏنو ته لاڳاپيل انتظاميا ۽ روينيو اختيارين قبرستان تان قبضو ختم نه ڪرايو ته سندن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button