پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ پورهيت بيروزگاري کان تنگ ٿي انت آڻي ڇڏيو

ميرواهه گورچاڻي: ميرواھه گورچاڻي جي پورهيت بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ميرواہه گورچاڻي لڳ ڳوٺ وڏل شاهه جي رهواسي 45 سالن جي پورهيت ڀاولو پٽ ويرم چند ڪولھي گهرو پريشانين کان تنگ ٿي پنهنجي ڳچي ۾ رسو ٻڌي وڻ ۾ ٽنگجي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملندي ميرواهہ گورچاڻي پوليس لاش کي رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آئي، جتي معمول موجب ڊاڪٽر ڊيوٽي موجود نه هجڻ ڪري لاش ڪيترائي ڪلاڪ پيل رهيو. وارثن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هي اسان سان ظلم آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب اسان جا نوجوان آپگهات ڪن پيا، مٿان وري سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڊيوٽي نٿا ڪن. خودڪشي ڪندڙ جي ويجهي عزيز ٻڌايو ته ڀاولو ڪولھي گهر ۾ بيماري، غربت ۽ بيروزگاري سبب پريشان رهندو هو، ان ڪري هن خودڪشي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button