سنڌ

دودو ڀيل جي ڀا جو جوابدارن سان ٺاهه،هڪ ڪروڙ ۽ 7 نوڪريون ملنديون

ٿر ڪول ايريا بلاڪ 2 جي پورهيت دودو ڀيل قتل ڪيس جي فريادي مقتول جي ڀا جوابدارن سان اندروني ٺاهه ڪري ڇڏيو، سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جوابدارن ڪاشف ڪمانڊو ۽ حذيفه ملڪ جي ضمانت واري درخواست جي شنوائي دوران فريادي مقتول جي ڀا عالم ڀيل راضي نامي جي آگاهي ڏيندي نو آبجيڪشن جو بيان ڏيئي ڇڏيو، عدالت طرفان راضي نامي جي هيٺين لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست ڏيڻ جي هدايت بعد .دودو ڀيل جي ڀا جوابدارن ضمانت واري درخواست تان هٿ کڻي ڇڏيو، دودو ڀيل جي وارثن سان هڪ ڪروڙ روپين ۽ 7 نوڪرين عيوض ڊيل جا چوٻول آهن. عالم ڀيل جوابدارن سان ٺاهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڳالهيون آخري مرحلي ۾ هلي رهيون اهن..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button