سنڌ

لاڙڪاڻو گرين اسٽار ٽيم پاران وڻڪاري ميلو لڳائڻ جو اعلان

ماحولياتي گدلاڻ موسمياتي اثرن جي خاتمي لاءِ وڻڪاري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم لاڙڪاڻو گرين اسٽارز ٽيم پاران 28 نومبر تي رٿيل پهريون سرسبز لاڙڪاڻو وڻڪاري ميلي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ٽيم جي سرواڻ ذوالفقار مگسي قديمي تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ موهن جو دڙو تي ٻوٽو پوکي ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار مگسي چيو ته چئن سالن کان وڻڪاري جاڳرتا مهم ذريعي مختلف وڻڪاري پروگرامن حڪومتي سرپرستي توڙي تعاون کان بغير جاري رکيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ 28 نومبر تي سرسبز لاڙڪاڻو وڻڪاري ميلو لڳايو ويندو، جنهن ۾ مختلف وڻڪاري جا پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button