
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو پنهنجي رهائشگاهه نور ڪالوني ۾ کلي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت مختلف ماڻهن ملاقات ڪري پنهنجا مسئلا ٻڌايا جنهن تي هن لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪري مسئلن جي حل جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ، انور علي نواز لهر، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي ۽ ٻيا موجود هئا. ٻئي طرف جميل احمد سومرو يونين ڪاميٽي 3 ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ بعد پارٽي ڪارڪن ايڊووڪيٽ محسن علي سومرو جي رهائشگاهه تي علائقي جي معززين سان ملاقاتون ڪري مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي.