سنڌ

راڌڻ ويجهو نوجوان پراسرار نموني فوت،لاش رکي ڌرڻو

راڌڻ ڀرسان نوجوان پراسرار نموني سان فوت ٿي ويو، وارثن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. خبر موجب راڌڻ ڀرسان ڳوٺ بشير احمد واڍو واسي نوجوان ارشاد علي پٽ سراج احمد واڍو پراسرار طور تي فوت ٿي ويو، فوت ٿيل نوجوان جي وارثن لاش سميت راڌڻ جي ناڪه چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڪري احتجاج ڪيو. احتجاج سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيھي وئي، پنج ڪلاڪ ڌرڻي دوران ايس ايڇ او راڌڻ ممتاز سرڪي پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري الزام ھيٺ آيل ممتاز جتوئي جي پٽن سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي واري ھنڌ پ پ يوٿ جو صدر مير مرتضيٰ ڳورڙ ۽ سڪندر علي سومرو پھچي ڳالھايون ڪيون ۽ ايس ايڇ او راڌڻ ممتاز سرڪي مٿان مک جوابدار ممتاز جتوئي کي ڀڄائڻ جا الزام ھنيا، پ پ اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرائي لاش پوسٽ مارٽم لا تعلقه اسپتال ميھڙ کڻائي ويا. ھوڏانھن فوت ٿي ويل نوجوان جي والد سراج احمد واڍو ٻڌايو ته منھنجو پٽ ڳوٺ ڀرسان ممتاز جتوئي جي اوطاق تي ڪالھه شام جو ويو ھو، جنھن جي فوتگي ڪو اطلاع مون کي صبح جو سوير ممتاز جتوئي ڏنو ۽ چيائين ته لاش سندس اوطاق اڳيان پيل آھي، جنھن بعد اسان پوليس کي اطلاع ڪيو ھن چيو ته ممتاز جتوئي منھنجي پٽ کي گھرائي جھيڙو ڪيو، جنھن دوران ھو فوت ٿي ويو آھي سندس قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف راڌڻ پوليس الزام ھيٺ آيل ڌر جي علي گوھر جتوئي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي. هوڏانهن ميھڙ تعلقي جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب فوتي جي جسم مٿان ڪٿي به ظاھري تشدد جا نشان نه مليا آھن، وڌيڪ سيمپل وٺي ليبارٽري موڪليا آھن، رپورٽ اچڻ کان پو فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌائي سگھجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button