اسلام آبادپاڪستان

190 ملين پائونڊ ڪرپشن ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو فيض حميد کنيو:فيصل واوڊا

اسلام آباد :اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ڪيس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن جنهن ڪئي، اهو فيض حميد آهي. ان سڄي معاملي جو ماسٽر مائينڊ فيض حميد آهي، اڃا تائين ڪنهن فيض حميد جو نالو ناهي ورتو. شهزاد اڪبر ۽ ڪجهه ماڻهن کي ڀڄائڻ ۾ به فيض حميد جو هٿ آهي، فيض حميد جي باقيات سينيٽ ۽ ڀرپاسي موجود آهي، اڃا مان ان جي پاڪستان جي اثاثن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ ڪرپشن ڳولڻ ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، تفصيل سان سوال ٿيا آهن، نيب کي سڀ ڪجهه لکت طور ڏنو آهي ۽ ان تي صحيحون ڪيون آهن، مون کي ڪو دستاويز ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته جڏهن اهو معاملو هليو ته وفاقي وزير هيس، ڪابينا اجلاس ۾ هڪ بند لفافو ڏيکاري تڙ تڪڙ ۾ اڪلايو ويو ته ان ئي وقت چيو هو ان تي نيب ڪيس ٺهندو، ڪابينا ۾ جيڪو بند لفافو ڏيکاريو ويو، اهو ايجنڊا جو حصو نه هو. ان تي چيو ته جڏهن فيصلو ئي ڪرائڻو هو ته پاڻ ئي ڪري ڇڏيو هو، ان معاملي ۾ اهم ڪاروباري شخصيت تي الزام نٿو هڻان. فيصل واوڊا چيو ته رڳو ملڪ جي ساک خاطر چُپ آهيان، في الحال مان پي ٽي آءِ جي ٻين ڏوهن جي ڳالهه نه پيو ڪيان. عمران خان کي صلاح ڏيڻ تي پارٽي مان ڪڍيو ويو، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو ڪو فائدو ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل واوڊا چيو ته صدر عارف علوي جيڪو ڪم ڪيو، اهو دشمن به نٿو ڪري سگهي، ان مس انڊراسٽينڊنگ ۾ سڀ کان وڏو رول ايوان صدر ۽ عارف علوي جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button