اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون:خواجا آصف

اسلام آباد :بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان جو هر حربو ناڪام ٿيو، عسڪري ملڪيتن تي حملو عمران خان جو آخري حربو هو، 9 مئي واقعا اوچتو نه پلاننگ تحت ٿيا. هن چيو ته عمران خان جا جيڪي ڪِريل عزم هئا، ڪنهن ڀارتي جا ٿي سگهن ٿا پاڪستاني جا نه، جائزو ورتو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، پي ٽي آءِ رياست کي چئلينج ڪيو آهي، ڪهڙو ڏوهه آهي جيڪو 9 مئي تي نه ٿيو؟ سندس موجب عمران خان چئي ٿو ته کيس 9 مئي جي واقعن جو علم ناهي، ائين به چئي ٿو ٻيهر گرفتار ٿيس ته وري ري ايڪشن ايندو. عمران خان ايترو معصوم بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، هو اڪيلو رهجي هارائي ويو آهي، هاڻ بهانا ڪري ڳالهيون چاهي ٿو. جيڪڏهن پابندي جو فيصلو ٿيو ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ اهو پي ڊي ايم پارٽين جو گڏيل فيصلو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button