اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ 27 بلين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن:صدر

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي تجزياتي سوچ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انتهائي مقابلي واري دنيا جي گهرجن موجب اسان کي تعليم تائين پهچ ۽ اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو. ڪالهه هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي (پهرين ايم بي بي ايس بيچ) پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ 27 بلين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته تقابلي طور تي ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا جو تناسب 98 – 100 سيڪڙو آهي. هن چين جي ڪيس اسٽڊي جو حوالو ڏيندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ذريعي پاڪستان 8 سالن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. صدر ان کان اڳ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون، ميڊلز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. هن چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو نوجوان اعليٰ تعليم لاءِ داخلا وٺي رهيا آهن جن کي آن لائين ايجوڪيشن جهڙا جديد تعليمي ٽولز متعارف ڪرائي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button