پاڪستانسنڌ

ٻوڏ ۾ متاثر 20 لک گهرن جي تعمير شروع ڪئي آهي:مراد شاهه

سانگھڙ: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ نيول چيف آف اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سانگهڙ هائي اسڪول جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد شاهه چيو ته ڪو دور هو جو سانگهڙ ۾ پ پ جا ڪارڪن ڊڄندي ڊڄندي ايندا هئا، پر بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي سياسي دانشمندي سبب اڄ پ پ ضلعو سانگهڙ فتح ڪري ورتو آهي. اسان ضلعي جا روڊ رستا اهڙا ٺهرايا آهن، جيڪي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به ضلعي اندر ناهن، اڇڙي ٿر ۾ پاڻي ۽ سولر سسٽم جي فراهمي يقيني بڻائي آهي، ضلعي ۾ آبپاشي جي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئنالن جي لائيننگ تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن باوجود ماڻهن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان ضلعي جي عوام جا به ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي ايتري محبت ڏني. هن چيو ته سنڌ حڪومت 6 ارب رپين جي لاڳت سان صوبي اندر ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 20 لک گهرن جي تعمير شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اسڪولن جي بحالي جو ڪم پڻ هلي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب صوبي جا 50 سيڪڙو اسڪول متاثر ٿيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي نيول چيف آف اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي چيو ته پاڪستان جي پرائمري تعليم سڄي دنيا ۾ بهترين تعليم آهي، اعلى تعليم ۽ سائنسي تحقيق تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اسان تحقيق کانسواءِ ترقي نٿا ڪري سگهون. استاد ئي تعليم ذريعي ملڪ کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائي سگهن ٿا، ان ڪري استادن کي گهرجي ته اهي تعليم جي فراهمي ۾ وڌ کان وڌ محنت ڪن. هن ٻڌايو ته پاڪ نيوي تعليم جي ميدان ۾ سڀ اڳتي آهي، صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ۽ اسڪول بهتر طريقي سان هلائي رهي آهي ۽ تمام جلد سنڌ بلوچستان جي ساحلي پٽي ۾ پڻ اسڪولن ۽ صحت مرڪزن سميت ٻيا فلاحي ڪم شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته سانگهڙ منهنجو اباڻو شهر آهي، جتي مئٽرڪ تائين سرڪاري اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ کيس هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. صوبائي وزير سردار شاهه تقريب کي آجياڻي وارو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر ٻوڏ دوران 20 هزار اسڪول متاثر ٿيا، ساڍا 7 هزار اسڪول مڪمل طور تباهه ٿيا. ايڊمرل امجد جهڙي ريت اسڪول جي ترقي ۾ دلچسپي ورتي، ائين ئي ٻين شخصيتن کي به پنهنجي علائقي جي تعليمي ادارن لا اڳتي اچڻو پوندو. هائي اسڪول سانگهڙ جي هيڊ ماستر محمد اقبال ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته هن اسڪول مان ملڪ جون ناليواريون شخصيتون پڙهيون آهن، اسڪول جي ترقي لاءِ ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جي ڪوششن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. ان کان اڳ نيول چيف آف اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي، وزيراعلى مراد شاهه ۽ صوبائي وزير سردار شاهه گورنمينٽ هائي اسڪول جي بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. بعد ۾ هنن اسڪول جي مختلف سيڪشنز ۽ ڪلاس رومز جو دورو ڪيو ۽ اسڪول ۾ وڻ لڳايا. واضع رهي ته نيول چيف آف اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان 1980ع ۾ هائي اسڪول سانگهڙ مان مئٽرڪ ڪئي هئي، سندس ئي خواهش تي سنڌ حڪومت 12 ڪروڙ 50 لک رپين سان اسڪول جي مختلف حصن جو مرمتي ڪم ڪرايو آهي. تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. تقريب ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو، صوبائي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي، جاويد ناياب لغاري، پ پ اڳواڻن اورنگزيب مري، جهانگير جوڻيجو، علي حسن هنڱورجو، راڻا ستار، ڪمشنر شهيد بينظير آباد محمد عباس بلوچ، ڊي آئي جي محمد يونس چانڊيو، ڊي سي اسحاق گاد، ايس ايس پي عابد بلوچ، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شاهده پروين ابڙو، ريجنل ڊائريڪٽر اسڪولز نصير جوڳي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button