سنڌ

ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ ۽ زراعت لا به پاڻي ناهي، منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي:سسئي پليجو

پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آھي ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي ٺٽي ۾ زراعت لاءِ پاڻي ناهي ۽ شهرن ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، سنڌ جي آبپاشي کاتي کي ان حوالي سان تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن، عوام احتجاج ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ جيترو به پاڻي سسٽم ۾ موجود آهي ان جي ورھاست انصاف سان ڪئي وڃي ته جيئن سڀني جون پاڻي جون گهرجون پوريون ٿي سگهن، ڪوشش ڪري ڪي ڊي اي مان ٺٽي ضلعي کي پاڻي ڏنو وڃي ۽ ساحلي پٽي ۾ عام ماڻهو کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي. سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته سنڌو دريا ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊيلٽائي ڇوڙ ۾ پاڻي نه ھجڻ سبب سمنڊ تيزي سان زمينون ڳڙڪائي رھيو آھي، آبي جيوت ۽ ماحوليات سميت لکين ايڪڙ زمينون تباهھ ٿي ويون آھن، ھاڻي ته پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جا پوکيل فصل به سڪي رھيا آھن، آبادگار ۽ ھاري دانھون ۽ رڙيون ڪري رھيا آھن، ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊيلٽائي ڇوڙ ۾ پاڻي جو وھڪرو بحال ڪري ڊيلٽا جي فطري سونھن کي تباھي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button