پاڪستانپنجاب

جهانگير ترين “استحڪام پاڪستان پارٽي” جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي نئين پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي “استحڪام پاڪستان پارٽي” جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي. عبدالعليم خان، جهانگير ترين ۽ سندس گروپ جي اعزاز ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ڊنر ڏنو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان سوين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڊنر ۾ سنڌ مان عمران اسماعيل، علي زيدي، محمود مولوي، جئه پرڪاش، فاٽا مان جي جي جمال، ڪي پي ڪي مان اجمل وزير شرڪت ڪئي. پنجاب مان مراد راس، فياض چوهاڻ، فرودس عاشق اعواڻ، نعمان لنگڙيال ۽ نوريز شڪور شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين نئين پارٽي جو اعلان عليم خان جي گهر ۾ ڊنر واري تقريب دوران ڪيو. ترين گروپ ذريعن موجب جهانگير ترين اڄ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي پارٽي ۽ منشور جو اعلان ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button