ٽنڊي محمد خان ۾ مير غلام الله خان ٽالپر پارڪ جي نالي سان بورڊ لڳي ويو، جنهن تي شهر واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي. ميونسپل ڪميٽي جي آفيسر اعجاز ملاح صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جيڪو اڳ وارو ميونسپل پارڪ وارو بورڊ ٺهرايو هو، ان ۾ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪاغذن ۾ ميونسپل پارڪ لکيل هو تنهن ڪري پينٽر کان لکڻ ۾ غلطي ٿي، ان بابت سوشل ميڊيا تي واويلا ٿيڻ بعد معذرت پڻ ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽنڊو محمد خان شهر جي ترقي لا ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close