حيدرآباد ۾ 6 مهينا اڳ قتل ڪيل شادي هال جي ويٽر ٺارو شورو جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن شاهه محمد شاهه، شيزان علي شاهه، رضوان علي شاهه ۽ فرمان علي شاهه کي سپريم ڪورٽ اسلام آباد مان گرفتاري بعد هڪڙيون هڻي سول جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي حيدرآباد سينٽرل جيل موڪليو ڇڏيو. قتل ڪيس 4 جوابدارن شاهه محمد شاهه، شيزان علي شاهه، رضوان علي شاهه ۽ فرمان علي شاهه خلاف داخل ڪيو ويو هو. اسلام آباد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد هٿڪڙيون هڻي حيدرآباد پوليس حوالي ڪيو. جوابدارن کي ٽرين وسيلي حيدرآباد آڻي سول جوڊيشل مئجسٽيرٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته عدالت جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close