مٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي فراهمي بند هجڻ خلاف شھر جي مختلف ڪالونين جي سوين ماڻھن نهال چند سوراني، رڻڇو لوهار، ڌاڻو ڪولهي ۽ سومار مينگهواڙ جي اڳواڻي ۾ خالي ٿانو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته شھر جي سدا بهار ڀيل ڪالوني، سومرا ڪالوني، هار پاڙو، ميگهواڙ پاڙو ۽ ڪولهي ڪالوني سميت مختلف ڪالونين جا رهواسي پاڻي ڦڙي لا تڙپي رهيا آھن. انتظاميا خاموش بڻيل آھي، اسين پاڻي لا سخت پريشان آھيون، اسانجي دانهڻ باوجود ڪو کڙتيل نه نڪتو، علائقو ڪربلا بڻجي ويو آھي. هنن گهر ڪئي ته ڪالونين ۾ پاڻي فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close